تنگواڻي ( ويب ڊيسڪ ) تنگواڻي ويجهو ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ پير ھيبت شھيد ۾ ڏاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 12ڄڻا سخت زخمي ٿي ويا.
زخمين ۾ شبير احمد، رفيق، مزار ،الھڏوايو، مولاداد، شوڪت، ٿنگو، مختيارڏاھاڻي ۽ شامل آھن.
زخمين کي ترت ئي تنگواڻي رول ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وپئي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿئي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.