ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ ايسٽر جي موقعي تي 8 آپگھاتي بم ڌماڪن جي الزام ۾ گھربل دهشتگرد ۽ شدت پسند تنظيم جي سربراهه زهران هاشم جي شنگريلا هوٽل ڌماڪي ۾ مارجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب صدر ميٿري کالاني هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ سريلنڪا ۾ گرجاگھرن ۽ هوٽلن تي آپگهاتي حملي جي ماسٽر مائينڊ زهران هاشم جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
سي سي ٽي فوٽيجز ذريعي تصديق ٿي آهي ته هاشم شنگريلا هوٽل ڌماجي ۾ مارجي ويو جتي سندس سان گڏ هڪ ٻيو دهشتگرد الحام به موجود هو. پر اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته شنگريلا هوٽل ڌماڪي ۾ هاشم جو ڪردار ڇا هو ۽ الحام نالي دهشتگرد جي موجود هجڻ باوجود هاشم اتي ڇا ڪري رهيو هو جڏهن ته شنگريلا ۾ هڪ ئي آپگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو هو. ان بابت جاچ جاري آهي.
هاشم زهران مقامي شدت پسند تنظيم التوحيد جي مک اڳواڻن مان هڪ هو پر داعش طرفان حملي جي ذميواري قبولڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ويڊيو رليز ڪئي وئي جنهن ۾ هاشم زهران کي ٻين 6 نقاب پوش ويڙهاڪن سان گڏ ڏسي سگھجي ٿو. ان ويڊيو ۾ رڳو هاشم زهران پنهنجو ئي منهن رڳو ناهي لڪايو. هاشم زهران تي ٻڌ مت خلاف ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ ٻڌ جي مجسمن کي تباهه ڪرڻ جا الزام آهن پر ڪجهه عرصو اڳ هاشم زهروان مقامي شدت پسند تنظيم التوحيد سان عليحدگي اختيار ڪندي پنهنجي سربراهي ۾ هڪ ننڍو گروهه جوڙيو هو.