*هالاڻي ۾ دڪان ۽ گھر سيل ڪرڻ خلاف سياسي ۽ سماجي ڌرين شھر م مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو .
شهرين ۽ واپارين عبد گاڏهي، غلام حسين هاليپوٽو، عبدالحفيظ ڪونڌر، عزيزالله چانگ، نثار هاليپوٽو، حافظ آصف ڪمبوه، مختيار انڙ شاھنواز سولنگي زاھد اعواڻ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .
ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هنن 35 کان 40 سال پهريان هندو برادري جي ماڻهن کان پئسن عيوض پلاٽ ورتا هئا جن جا ثبوت موجود آهن پر هاڻي جيٺانند ۽ راج ڪمار، مختيار ڪار محرابپور سان ملي اسان جا دڪان ۽ گھر سيل ڪري ڇڏيا آهن
هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………..