رپورٽ:گهارو: هندو برادري جي پراسرار نموني گم ٿيل نينگري بازياب نھ ٿي، ڳولا ۾ مدد جي اپيل

گهاري  مان چار ڏينهن اڳ هندو برادري جي پراسرار نموني گم ٿيل  13 ورهين جي نينگري جو مسلسل ڳولا باوجود ڪوبھ پتو پئجي نھ سگهيو آهي.

وارڊ  نمبر 2 جي رهواسي بابو هريچن جي 13 ورهين جي ڌيءُ ڪرشما هريچن  پراسرار نموني گم ٿي وئي  آهي جنهنجو  چار ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نھ  پيو آهي.

ان موقعي تي پراسرار نموني گم ٿيل نينگري جي والدين  ميڊيا آڏو روئندي چيو تھ ساڻن وڏو ظلم ٿيو آهي.

هنن چيو تھ کين  اڻڄاتل ماڻهن پاران ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته جيڪڏهن توهان ٿاڻي تي ويا ته توهان کي جان سان ماري ڇڏينداسين.

هنن ايس ايس پي ٺٽي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ   واپس ڏياري وڃي ۽ اسان کي ملندڙ موت مار ڌمڪين کان تحفظ ڏياريو وڃي…………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.