ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي پاڪستان کي به عالمي ڪپ ٽرافي لاءِ موسٽ فيورٽ ٽيمن منجهان هڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
2003ع جي ميگا ايونٽ ۾ ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ سارو گنگولي چيو ته منهنجي اندازي موجب عالمي ڪپ جي چئن سيمي فائنسلٽ ٽيمن ۾ ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ پاڪستان شامل هونديون.
سندس چوڻ هو ته هن دفعي رائونڊ روبن فارميٽ آهي جنهنڪري ايونٽ وڌيڪ دلچسپ ثبت ٿيندو، ايونٽ دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا.