نندي پاور پراجيڪٽ ريفرنس ۾ بابر اعواڻ جي بريت جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت نندي پور پاور پراجيڪٽ ريفرنس ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ جي بريت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.  احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ بابر اعواڻ جي بريت جي درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو 30 اپريل تي ٻڌايو ويندو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته وڌيڪ دليل ڏيڻ نه ٿو چاهيان، گذريل ٻڌڻي تي جيڪي دليل ڏنا اهي ڪافي آهن.  نيب موجب پ پ جي حڪومتي دور ۾ وزيرن جي ملي ڀڳت سبب نندي پور پاور پراجيڪٽ منصوبي ۾ ٻن سالن جي دير ٿيڻ سان قومي ناڻي کي 27 ارب رپين جو نقصان پهتو هو. ڄاڻايل ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، اڳوڻي قانون واري وزير بابر اعواڻ، اڳوڻي قانون واري سيڪريٽري مسعود چشتي، رياض ڪياني، ڊاڪٽر رياض محمود، شمائلا محمود ۽ شاهد رفيق تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.