اڇا وار ٿيڻ جا بنيادي سبب ڪهڙا آهن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وار اڇا ٿيڻ وڌندڙ عمر جو حصو آهي پر ڪجهه ماڻهن جا وار وقت کان اڳ ئي اڇا ٿيڻ لڳندا آهن جنهن سبب هو پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. حقيقت ۾ اسان جي طرز زندگي ۾ ڪجهه اهڙيون عادتون شامل هونديون آهن جيڪي صحت کي نقصان پهچائڻ سان گڏ وارن کي به اڇو ڪري ڇڏينديون آهن. وقت کان اڳ وار اڇا ڪندڙ سبب ڪهڙا آهن.

توهان لاءِ اها ڳالهه حيرت جوڳي هوندي ته ماحولياتي آلودگي توهان جي وارن کي اڇو ڪري سگھي ٿي، هوا ۾ موجود زهريلا جزا وارن کي رنگ ڏيندڙ عنصر ميلانين کي نقصان پهچائيندا آهن جنهن سبب وار اڇا ٿي ويندا آهن.

اسٽريس، ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ وارن کي اڇو ڪرڻ جو سڀ کان عام سبب آهي. ذهني دٻاءُ جو سڀ کان پهريون اثر وارن اڇا ٿيڻ  جي صورت ۾ نظر ايندو آهي.

سگريٽ نوشي به وار  اڇا ڪرڻ جو اهم سبب آهي، جيڪڏهن توهان سگريٽ ناهيو ڇڪيندا پر سگريٽ جي دونهين ۾ وقت گذاريندا آهيو تڏهن به توهان جا وار اڇا ٿي سگھن ٿا.

جسم ۾ هارمونل تبديلين سان گڏ وارن جي رنگ ۾ فرق ايندو آهي، اهو عمل گھڻو ڪري 30 سالن جي عمر کان پوءِ ٿيندو آهي.

غير متوازن ۽ ناقص کاڌا به توهان کي وقت کان اڳ ڪراڙو ڪري سگھن ٿا. توهان جي کاڌي ۾ وٽامن بي 12 جي عدم موجودگي توهان جي وارن کي رخو، بي جان ۽ اڇو بڻائي سگھي ٿي.

اهڙيون بيماريون جن سان توهان جي قوت مدافعت ڪمزور ٿئي ته توهان جي وارن کي اڇو ڪري سگھي ٿي. انهن بيمارين ۾ نزلو ۽ سائنس سڀ کان اول آهن.

جيڪڏهن توهان جي ماءُ يا پيءُ جا وار جلدي اڇا ٿي ويا هئا  يا آهن ته ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته توهان جا وار به عمر کان اڳ اڇا ٿي ويندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.