شهرين جا موت ظاهر ڪن ٿا ته افغان جنگ ڊگهي ٿي چڪي آهي: زلمي خليل زاد

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل چيو آهي ته افغانستان ۾ شهرين جي موتن ۾ اضافو اشارو ڪري ٿو ته جنگ گهڻي ڊگهي ٿي چڪي آهي.  سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي زلمي خليل زاد چيو ته اسان شهرين جي موتن جي رپورٽن تي پريشان آهيون، هر ڪو ان جنگ جو غير ضروري شڪار ٿيو جيڪا گهڻي ڊگهي ٿي چڪي آهي. هن چيو ته مان طالبان کي چئلينج ڪيان ٿو ته هو ٻين افغانن سان شامل ٿين ۽ سال کي پرامن بڻائڻ لاءِ ڪم ڪن. سندس چوڻ هو ته پٽ، نياڻين، ڀائرن، ڀينرن، پاڙيوارن ۽ دوستن جي موت اسان سڀني کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي، اسان اهڙن افغانن سان گڏ بيٺا آهيون جيڪي موتن خلاف احتجاج ڪن ٿا، اسان اهڙي رتوڇاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا. زلمي خليل زاد چيو ته شهرين جا موت امن عمل کي وڌيڪ ڳنڀير ڪري ڇڏيندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.