اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صحت واري قومي وزارت سموري ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن جا انگ اکر قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
صحت واري وزارت موجب سڄي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن جو تعداد 23 هزار 757 آهي.
صحت واري قومي وزارت جي تحريري جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مريضن ۾ 4170 عورتون ۽ 564 مرد شامل آهن، ايڊز جو شڪار ٻارڙين جو انگ 424 جڏهن ته کدڙن فقيرن جو انگ 379 آهي .