لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چوڌري ڀائرن خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس ۾ نيب انڪوائري بند ڪرڻ جي درخواست تي احتساب عدالت ڌرين جي وڪيلن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، نيب اختيارين کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت ۾ چوڌري ڀائرن خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس ۾ نيب انڪوائري بند ڪرڻ جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. احتساب عدالت جي جج نجم الحسن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. چوڌري ڀائرن جي وڪيل محمد نواز ايڊووڪيٽ پاور آف اٽارني عدالت ۾ جمع ڪرائيندي چيو ته نيب جي جاچ بند ڪرائي وڃي، چوڌري ڀائرن جي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي ضرورت ناهي.