سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) ڪنهن حادثي، دماغي ڌڪ، عضوي جي خرابي ۽ ٻين عارضن سبب ڳالهائڻ جي سگھه وڃائيندڙ ماڻهن لاءِ هڪ وڏي خوشبري اها آهي ته هاڻي دماغي سگنل کي پڙهندڙ هڪ اهڙو دستي سسٽم ٺاهيو ويو آهي جنهن سان اهي پنهنجي ڳالهه ماڻهن تائين پهچائي سگھندا.
ان اوزار کي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا سان فرانسسڪو جي پروفيسر ايڊورڊ ايف چينگ ۽ سندس ساٿين تيار ڪيو آهي. سندس جو چوڻ آهي ته اسان کي ان جو قدر ناهي ته اسان ڪيتري سولائي سان ڳالهائي سگھندا آهيون. انهن کان پڇيو جيڪي پنهنجو مدعو بيان ڪرڻ کان قاصر آهن ۽ پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ تڙپندا آهن.
مونکي اميد آهي ته اها ايجاد اهڙن ماڻهن جو آواز بڻبي جنهن جا عضوا ۽ پٺا لفظ ادا ڪندي حرڪتن جو نقل ڪندا آهن، ڊاڪٽر ايڊورڊ چينگ ٻڌايو ته ان نظام ۾ اليڪٽروڊ جي ننڍي مجموعي کي کوپڙي تي لڳايو ويندو آهي ۽ ڳالهائيندڙ جو اواز نه اچڻ باوجود هو پنهنجي چپن کي لوڏائيندا رهندا آهن. ان حرڪت کي دماغ نوٽ ڪري هڪ پروسيسر کي موڪليندو آهي ۽ ائين مشين مان لفظ نڪرندا آهن. پهريان تجربي ۾ پنجن ماڻهن کي اهو اوزار لڳايو ويو جن گھڻي ڪاميابي سان 150 لفظ في منٽ ادا ڪيا جيڪو ان قسم جي نظامن جو هڪ نئون رڪارڊ آهي. اها ٽيڪنالوجي ۾ چپن، وات، زبان ۽ ڳالهائڻ ۾ ضروري حرڪتن کي به نوٽ ڪندي آهي ۽ انهن جي حرڪتن کي پروسيس ڪري مشين مان مصنوعي آواز ڪڍندي آهي. اها ٽيڪنالوجي ان وقت تائين ڪم ڪندي رهندي آهي جيستائين مريض ڳالهائڻ جي عمل جي حرڪت پنهنجي وات سان انجام ڏيندو رهندو آهي. سگنل مان آواز خارج ڪرڻ جو نظام ائين ئي ڪم ڪندو آهي جيئن اسٽيفن هاڪنگ جي ويل چيئر تي موجود ڪمپيوٽر ڪم ڪندو هو پر هو ڏکيائي سان هڪ منٽ ۾ ڏهه لفظ ڳالهائي سگھندو هو. جن مريضن تي ان کي آزمايو ويو آهي اهي مرگهي جا مريض هئا پر هو درست انداز ۾ سڀني عضون کي حرڪت ڏئي رهيا هئا جيڪي ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال ٿيندا آهن. مريضن کان مڪمل جملا چورايا ويا ۽ ان دوران دماغي سگنلن مان مصنوعي آواز ايندو رهيو. ان کان پوءِ هو رڳو چپ چورائيندا رهيا ۽ ان سان ڪمپيوٽر پروگرام جي ٽريننگ ڪئي وئي. اهڙي ريت ڪمپيوٽر پروگرام تيزي سان سکڻ لڳو. جيتوڻيڪ اهڙا ڪيترائي نظام اڳ به ٺاهيا ويا آهن پر انهن جي رفتار گھڻي سست آهي .