ڌاٻيجي ويجهو ملير جي ڏورانهن علائقي گهگهر جي جمع ڳوٺ سماجي تنطيم جي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪول جي امتحانن نمايا نمبرن سان امتحان پاس ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا.
ان موقعي تي ڳوٺن جي ٻارن ٽيبلوز پيش ڪري ۽ تقريرون ڪري مهمانن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو .
ان موقعي تي سماجي اڳواڻن خليل واڍيلو،ستار خليفو جوکيو ۽ ٻين چيو ته
ٻهراڙي جي هن اسڪول ۾ هر ٻار کي ڪمپويٽر فراهم ڪري جديد سائنسي انداز ۾ تعليم ڏيئي رهيا آهيون.
هن چيو ته هڪ پئسي واري همراھ اسان سان شرط رکيو ته جيڪڏهن توهان هن اسڪول ۾ ٻارن کي اردو ۽ انگريزي م تعليم ڏيو ته تواهن جي مالي مدد ڪندس پر اسان چيو ته مادري ٻولي کان سوا۽ ڪنهن ٻولي ۾ تعليم نه ڏينداسين يونين ڪاونسل چنڊ پارو جي چيئرمين ستار خليفو جوکيو چيو ته ملير سميت ڪراچي ٻهراڙين جو وجود صرف تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ئي لڪل آهي جيڪي سماجي تنظيمون پنهجي مدد پاڻ تحت اسڪول هلائي ٻهراڙين جي ٻارن کي علم ڏيئي رهيا آهن انهن ۾ اسان جون اميدون آهن
ان موقعي تي صحافي سامي ميمڻ ، سماجي اڳواڻ امين ڪلمتي ،ابراهيم ڪلمتي ،علي بخش خاصخيلي ،واحد ڪلمتي ،غلام حسين واڍيلو خطاب ڪيو ۽ ڪامياب ٻارڙن ۾ انعام ورهايا………………………
********