دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل عالمي ڪپ لاءِ ٻاويهه رڪني ميچ آفيشل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي موجب ايونٽ جي 48 مئچن لاءِ دنيا جي 16 بهترين امپائرن ۽ 6 مئچ ريفرين تي ٻڌل آفيشل جي چونڊ ڪئي وئي آهي جيڪي 30 مئي کان 14 جولائي تائين جاري رهندڙ عالمي ميلي ۾ ذميواريون سرانجام ڏيندا.
عالمي ڪپ لاءِ چونڊيل امپائرن ۾ پاڪستان جو عليم ڊار پڻ شامل آهي، هو پنجون ڀيرو عالمي ڪپ ۾ امپائر طور خدمتون انجام ڏيندو.
سريلنڪا جي ڪمار ڌرماسينا، ڪرس جيفيني، اين گولڊ، ميرياس ايراسمس، رچرڊ النگ ورٿ، رچرڊ ڪيٽليبرو، نيگل لونگ، بروس آڪسنفورڊ، سندارام راوي، پال جيفري، روڊ ٽڪر، جوئيل ولسن، مچل ڪوف، روچيرا ياگورو ۽ پال ولسن به امپائرن جي فهرست ۾ شامل آهن.
ايونٽ جي مئچ ريفري لاءِ ڪرس بورڊ، ڊيوڊ بون، اينڊي پيڪروفٽ، چيف ڪرو، رانجن مدوگالي ۽ رڪي رچرڊسن شامل آهن. آءِ سي سي موجب ڄاڻايل پهرين مرحلي ۾ ليگ ميچن ۾ ذميواريون سرانجام ڏيندا جنهن کانپوءِ سيمي فائينل ۽ فائينل لاءِ ميچ آفيشل جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.