اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم عمران خان طرفان بلاول ڀٽو زرداري کي صاحبه چوڻ تي مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي عورتن وزيراعظم عمران خان طرفان بلاول ڀٽو زرداري کي صاحبه چوڻ تي ڀرپور احتجاج ڪيو. ٻنهي پارٽين جي عورتن اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيرو ڪري وزيراعظم عمران خان خلاف نعريبازي ڪئي ۽ ايوان گو عمران گو جي نعرن سان گونجي ويو. پ پ اڳواڻ نفيسه شاهه وزيراعظم عمران خان کان معافي جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪالهه قبائلي علائقن ۾ وزيراعظم عمران خان پڳڙي پهري جيڪا حرڪت ڪئي تنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته وانا ۾ عمران خان هڪ نوجوان سياستدان کي بلاول ڀٽو صاحبه چيو، صاحبه جو لفظ استعمال ڪرڻ تي عورتن جي تذليل ٿي آهي. عمران خان ايوان ۾ اچي معذرت ڪري، اها زبان نه ترڪي، اهو ڪيترا ڀيرا ٿيندو، عمران خان پنهنجا لفظ واپس نه ورتا ته کيس وزيراعظم نه چوندس. ٻئي طرف مخالف ڌر جي احتجاج دوران چونڊ ترميمي بل 2019ع منظور ڪيو ويو. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران سوالن جا جواب نه اچڻ تي ميمبرن احتجاج ڪيو، جڏهن ته اسپيڪر چيو آهي ته جيڪا به وزارت سوالن جا جواب نه ڏيندي ان جي خلاف رولز جي موجب ڪارروائي ٿيندي، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران رانا ثناءُ الله ۽ ٻين اهو معاملو کنيو، رانا تنوير حسين چيو ته مسلم ليگ (ن) کي ايوان ۾ ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، اها ڳالهه ميڊيا ۽ ٻين جاين تي ٿي رهي آهي، اسپيڪر 8 مهينا غير جانبداري سان ايوان کي هلايو آهي، شيخ روحيل اصغر اعتراض واري نقطي تي چيو ته سوالن جي وقفي ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب ناهن آيا، قانون واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته هو روحيل اصغر سان اتفاق ڪري ٿو، ادارن مان جواب سهي نه اچڻ تي ٻيهر انهن کي چيو ويندو آهي، جيڪڏهن جواب نه آيا ته انهن ادارن جي سربراهن کي گهرايو ويندو آهي، قانون واري وزارت بابت سوالن جي لاءِ هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي ،فروغ نسيم نيب ۾ مقررين جي حوالي سان سوال جي جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو معاملو نيب جي چيئرمين جي نوٽيس ۾ آندو ويندو.
خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران رانا ثناءُ الله جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم ٻڌايو ته پهرين کيپ کانسواءِ نيب ۾ شروعاتي مقرريون يا ته نيب پاڻ ڪيون آهن يا نيب ملازمن جي قاعدن ۽ شرطن ملازمت قانون 2002ع ۽ مقريي جي طريقيڪار ۽ اهليت ۽ ضرورت جي وقت ان ۾ ٿيڻ واري ترميم ۾ ڏنل طريقيڪار موجب ٽيسٽنگ ايجنسي جي ذريعي ڪيون ويون آهن، نيب پنهنجي شروع کان وٺي هينئر تائين 8 مرحلن ۾ گريڊ 16 کان 21 جي آفيسرن جون مقرريون ڪيون آهن، هڪ آفيسر کي جعلي ڊگري سبب نيب ملازمت تان برطرف ڪيو، رانا ثناءُ الله چيو ته هو ان جواب مان مطئمن نه آهي جنهن تي بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته هو ان سوال جي جواب جي باري ۾ نيب جي چيئرمين سان پاڻ ڳالهائيندو، جيڪڏهن جواب تسلي بخش نه آيو ته پوءِ ائين ئي ٿيندو جيئن ميمبرن تجويز ڏني آهي اسپيڪر اهي سوال ملتوي ڪري ڇڏيا جڏهن ته قومي اسيمبلي فاٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن جي حوالي سان چونڊ ترميمي بل 2019ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، خميس ڏينهن پارلياماني معاملن واري وزير علي محمد خان ان حوالي سان چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل 2019ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر ايوان مان بل جي شق وار منظوري حاصل ڪئي، علي محمد خان چيو ته 25هين آئيني ترميم تحت فاٽا ۾ 25 جولاءِ تي صوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي چونڊ ڪرائڻ ضروري آهي،