صدارتي نظام سان ملڪ ٽٽي ويندو، وزيراعظم وٽ عورت هجڻ گار آهي: بلاول

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته ون يونٽ يا صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ ٽٽي ويندو،  جڏهن ته وزيراعظم چئي رهيو آهي ته عورت هئڻ گار آهي. قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي ويو آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي، هر پاڪستاني لاءِ زندگي تنگ ٿي وئي آهي،  ون يونٽ يا صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته ملڪ ٽٽي ويندو.  هن چيو ته هي ڪهڙي حڪومت، ڪهڙو نظام ۽ انصاف آهي، حڪومت قرض وٺڻ لاءِ خوشيون ملهائي رهي آهي، ايمنسٽي اسڪيم اميرن لاءِ آهي، حڪومت رڳو اميرن کي فائدو پهچائي رهي آهي، غريبن جو حق ماريو پيو وڃي.  سندس چوڻ هو ته ظالم حڪمرانن جي دل ۾ عوام لاءِ ڪابه همدردي ناهي، هي نظام هلي نه ٿو سگهي، عوام هڪ حد تائين ظلم برداشت ڪندو پوءِ عوامي رد عمل ايندو، حڪومت ڀلي سموري اپوزيشن کي جيل ۾ وجهي عوام ٻاهر نڪرندو.  سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ٿيل ٺاهه کي اسيمبليءَ مان منظور نه ڪرايو ويو ته غير قانوني ۽ غير آئيني هوندو.

وزيراعظم عمران خان طرفان صاحبه چوڻ بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهڙي قسم جي ڳالهه ڪرڻ سان عمران خان پنهنجو قد ننڍو ڪري رهيو آهي،  وزيراعظم چئي رهيو آهي ته عورت هئڻ گار آهي،  پنهنجي عهدي ۽ ملڪ جو ئي احترام ڪيو، پنهنجي زبان تي قابو ڪيو، روشني کان وڌيڪ رفتار سان سندس زبان منجهي رهي آهي. هن چيو ته مرد کي عورت چوڻ عورت لاءِ ڪهڙو پيغام آهي، مرد کي عورت چوڻ سان مرد کي ڪجهه نه ٿيندو، اهو ٻارڙن لاءِ ڪهڙو پيغام آهي ته وزيراعظم چئي رهيو آهي ته عورت گار آهي.  هن چيو ته جيتري سلپ آف ٽنگٽ(زبان ترڪڻ) هن وزيراعظم کان ٿي آهي ٻئي ڪنهن کان ناهي ٿي، شاهه محمود قريشي کي اپيل آهي ته  پنهنجي وزيراعظم کي ڪنهن ملڪ جي دوري ۾ اڪيلو نه ڇڏي، هن چيو ته منهنجو سوال آهي ته جيڪي سليڪٽڊ آهن ڇا انهن کي ايمپائر جي آڱر پسند آئي ۽ جن سليڪٽ ڪيو انهن کي تبديلي پسند آئي؟ بلاول عمران خان لاءِ مذڪر بدران مونث جو استعمال ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن عمران خان”سمجهي“ ٿي ته ان قسم جو بيان ڏئي هو ڪنهن جي تذليل ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجي پاڻ جي تذليل ڪري رهيو آهي، اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته هو وزيراعظم ڪيئن بڻيو،جيڪڏهن بڻجي ئي ويو آهي ته ان ڪرسي جو احترام ڪريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.