کپرو جي خانگي اسپال ۾ ٻار غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت

کپري جي  خانگي شفا گهر اسپتال ۾ بخار سبب داخل ٻار غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

ڳوٺ دائم ھڱوري واسي ھاري تماچي ڀيل ھڪ سال جي معصوم ٻارڙي کي بخار سبب شفا گهر اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽر تيز بخار ۾ لاپرواھي سبب کيس انجڪيشن هنئي جنهن ۾ ٻارڙي فوت ٿي وئي.

فوتي ٻارڙي جي امڙ جي رڙين تي اسپتال جو عملو پھچي ويو،  معاملو لڪائڻ لاءِ  ماءُ سميت سندس وارثن کي اسپتال جي عملي اندر ڪمري ۾ ويھاري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڳوٺ جي چڱي مڙس کي گهرائي ڳالهين بعد ٻارڙي جي لاش سميت وارثن کي ڳوٺ روانو ڪيو ويو.ٻارڙي جي امڙ روئندي ۾ ميڊيا کي ٻڌايو تھ  هو بخار سبب ڀاونا کي اسپتال کڻي آيا جتي کيس  خبر ناهي ڪهڙي انجيڪشن ھنئي  وئي جنهن ۾ هو فوت ٿي وئي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.