بلاول جي اختر مينگل سان ملاقات، سياسي ۽ بلوچستان جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو+ اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اختر مينگل جي ملاقات خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي، ملاقات۾ ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي، ملڪي ۽ عالمي صورتحال سان گڏ خاص طور تي بلوچستان جي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت پاران ملڪ ۾ گورننس جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سردار اختر مينگل ۽ بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ محرومي جي حوالي سان ڳالهائيندي اين ايف سي ايوارڊ ۽ سيڪيورٽي پلان تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پارليامينٽ جي بالادستي ۽ ايوان کي بنا ڪنهن فرق جي هلائڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.