نيب حمزه شهباز ۽ عائشه احد کي هڪ ئي ڏينهن طلب ڪري ورتو

لاهور (م ڊ) نيب لاهور حمزه شهباز کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ  ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 30 اپريل تي طلبي جو نوٽيس ورتو هو، انکان اڳ به حمزه شهباز کي ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو ويو هو، حمزه  شهباز  جي مبينا گهر واري عائشه احد کي طلب ڪيو ويو آهي، عائشه احد کي منجهند 12 مئي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي، هوڏانهن حمزه  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ملڪ شهزاد خان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ حمزه شهباز  جي ضمانت واري درخواست  تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت حمزه  شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 8 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.