سن کي ڪڙو، ڪارڪنن جي رستاروڪ ۽ تذليل، بجلي بند

سن: سن ۾ سائين جي ايم سيدجي 24 هين ورسي جي موقعي تي رينجرس ۽ پوليس شھر کي ڪڙو هڻي انڊس ها۽ وي جي مختلف اسٽاپن ۽ سن جي  مختلف گهٽين ۾ ايندڙ ويندڙن کان سخت تلاشي  ورتي. ڪارڪنن ۽ علائقي واسين کي ڪيتروئي وقت تلاشي بهاني 15 کان 20 منٽن تائين روڪيو ويو صحافين کي به روڪيو ويو.  بجلي جي فيڊرن کي بند ڪرائي سڄي تعلقي جي بجلي بند ڪئي وئي.  جنهن سبب شديد گرمي ۾ عوام تڙپندو رهيو.  ڪاروبار کي پڻ سخت نقصان پهتو جلسا ختم ٿيڻ کان پوءِ  12 ڪلاڪن بعد بجلي بحال ڪئي وئي.  آمري ۾ جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي قافلي کي روڪيو ويو،  رياض چانڊئي چيو ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي نالي ۾ بدترين مارشلا مڙهي وئي آهي .هنن انڊس ها۽ وي تي ڌرڻو هنيو. جسقم آريسر جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو. ڪجهه ڪارڪنن کي گرفتاريون ڪري غائب ڪرڻ جا اطلاع پڻ مليا آھن جڏهن ته جهنڊا ۽ بينر به کسيا ويا.  ڪارڪن جون سائين جي ايم سيد جي مزار تي قيادت کي متحد نه ٿيڻ تي سخت پڇاڻو ڪيو. هڪ ڪارڪن روئي چيو ته ذلتون برداشت ڪري رهيا آھيون اوهان متحد ڇونه ٿا ٿيو. سخت مشڪل صورتحال هوندي به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي سن پهچي ويا. ڏانهن جيئي سنڌ محاذ رياض گروپ طرفان سائين جي ايم سيد جي 24 هين ورسي جي سلسلي ۾ چيئرمين رياض چانڊيو، نواز شاه ڀاڏائي جي قيادت ۾ ڪارڪنن ريلي جي صورت ۾ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادڙ چاڙهي ان موقعي تي رياض چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيد جي مزار تي حاضري ڀرڻ تان روڪڻ  لاءِ جهنڊا ۽ بينر کسيا ويا  . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.