سکر(رپورٽ: ابوذر غفاري) سنڌ ۾ اپريل مهينو ختم ٿيڻ جي ويجهو، ڪڻڪ خريداري جا مرڪز نه کليا، سنڌ سرڪار جي پاليسي نه اچڻ سبب لکين ابادگار خاص طور ننڍا زميندار ۽ هاري رلي ويا، آبادگارن کي بارداڻو به نه مليو، وفاقي سرڪار به تحرڪ نه ورتو،تفصيل موجب سنڌ ۾ هن سال لکين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو فصل تيار تي لهي چڪو آهي پر صوبائي سرڪار پاران 2018-19ع لاءِ ڪڻڪ خريداري جو ڪو به هدف مقرر نه ڪيو ويو،بئنڪن کي ڪڻڪ خريداري جي حوالي سان ڪي به هدايتون نه مليون، هن وقت سنڌ حڪومت وٽ 10 لک ٽن ڪڻڪ اسٽاڪ ۾ پيل آهي جيڪا فلور ملن ۽ چڪي مالڪن کي سپلاءِ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڏيڍ لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن،سنڌ سرڪار جي خاموشي واري پاليسي سبب هن سال ڪڻڪ جي پيداوار ڪندڙ آبادگار ۽ هارين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن،سنڌ سرڪار جا ذريعا وفاق کان فنڊ نه ملڻ جو عذر ڄاڻائي ڪڻڪ خريداري ۾ ذري برابر به دلچسپي نه ڏيکاري، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار به پاسڪو ذريعي ڪڻڪ خريداري شروع نه ڪئي، جنهن ڪري هن سال لکين ٽن ڪڻڪ آبادگارن جي ديرن، اوطاقن ۽ کليل ميدانن تي پيل آهي، جڌهن ته تازين برساتن سبب ڪڻڪ جي لٿل فصل کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي، آبادگارن ۽ هارين جو چوڻ آهي ته ڀاڻ ٻج اڳ ئي مهانگو آهي، هن وقت حالت اها آهي جو في ايڪڙ تي 3 هزار به نه بچي سگهيا آهن، اسان جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار ۽ وفاق جي غلط پاليسين سبب قرضي بڻجي ويا آهيون، جڏهن ته حڪومت طرفان خريداري مرڪز نه کولڻ ۽ بارداڻو نه ورهائڻ سبب واپارين ۽ فلور مل مالڪن جا جاوا ٿي ويا آهن،آبادگار ڪڻڪ في مڻ 1100 کان ساڍا 1100 رپيا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، آبادگارن ۽ هارين جو معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي، ان کان علاه بارداڻو به رڳو بااثر ماڻهن کي ڏنو ويو، آبادگارن جي اڪثريت بارداڻي جي ورڇ کان محروم رهي،هن ڀيري پلاسٽڪ جون ٻوريون ڏيڻ سبب ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو به خدشو آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ تي سبسڊي جو به اعلان نه ڪيو جنهن سان آبادگارن ۽ واهپيدارن کي ڪو به فائدو نه پهتو، جڏهن ته گذريل سال خيرپور ۾ 15 لک، سکر ۾ 11 لک ۽ گهوٽڪي ۾ 18 لک 50 هزار ٽن ڪڻڪ خريداري ڪئي وئي هئي .