ڀارتي جيل ۾ قيد وڌيڪ هڪ پاڪستاني حياتي جي وڃائي ويٺو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جيل ۾ قيد وڌيڪ هڪ پاڪستاني مهاڻو فوت ٿي ويو آهي،  ڪراچي جي رهواسي محمد سهيل کي ڀارتي فورسز سال 2016ع ۾ سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.

جيل ۾ قيد محمد سهيل اڄ دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته اڃا تائين سندس موت جو سبب سامهون نه اچي سهگيو آهي.  ان کان اڳ ويهه فيبروري تي ڀارتي صوبي راجسٿان ۾ جيپور جي سينٽرل جيل ۾ قيد شاڪر الله نالي پاڪستاني قيدي کي جيل ۾ پٿر هڻي قتل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.