*ميرپوربٺوري ۾ جهوڪ شريف پوليس پاران ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيوويو .
ڳوٺ هارون ٽانڪ جي رھواسي عورتن ۽ مردن جھوڪ شريف پوليس خلاف آمنت، شريفان، زاهده، هارون ۽ محرم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .
ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته جھوڪ شريف پوليس بااثر وڏيرن جي چرچ تي بناجواز گهرن اندر داخل ٿي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري گھرن ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو .
هنن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته جھوڪ شريف پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……………..