*مسو ڀرڳڙي ويجهو روڊ حاثي ۾ فوت ٿيل شخص جي روح کي ثواب لاءِ روحاني محفل منعقد ڪئي وئي.
ڳوٺ جيندل ڪوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان سڪندرچنڊ جي روح کي ثواب لاءِ نعتن جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ علائقي واسين وڌي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مقامي نعت خوانن شيبر احمد نيازي ، جاويد چنڊ، عبدالقادر چنڊ نعمت پڙهي محفل ۾ شريڪ ماڻهن کي دلي سڪون فراهم ڪيو .
روحاني محفل کي خطاب ڪندي مولوي فتح محمد سهتو چيو ته سڪندرچنڊ دين اسلام سان محبت رکندر شخص هو اڄ به هو اسان جي دلين ۾ ياد آهي موت جو ذائقو هر انسان کي چکڻو آهي……………………….
******