رپورٽ:جروار: ڳوٺ ميرخان گبول ۾ عيدميلادالنبي صلھ جي عنوان ھيٺ عاليشان جلسو منعقد

جروار ويجهو  ڳوٺ ميرخان گبول ۾ عيدميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي عنوان ھيٺ عاليشان جلسو ٿيو. جلسي کي خطاب ڪندي عبدالقادر شاھ جيلاني چيو ته الله پاڪ جا ڪروڙين احسان آهن  جنھن اسان کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو  اُمتي بڻايو آھي.

هن هدايت ڪئي تھ  پنهنجي ٻارڙن کي تعليم جھڙي زيور سان نوازيو ۽ قرآن پاڪ سان گڏ نماز پڙھڻ جا به پابند بڻايو.

سندس چوڻ هو تھ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ڏسيل واٽ تي هلي اسان دنيا مان ڪيني ۽ ڪدورت جو خاتمو آڻي سگهون ٿا.

جلسي جي آخر ۾  ملڪ جي خوشحالي لاءِ خاص دعا گهري وئي ………..

رپورٽ-فيض محمد گبول

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.