رپورٽ: غوثپور: هندور برادري جا ماڻهو ڇو نڪتا روڊن تي؟ عوام حيران

غوثپور ۾ هندو برادري جي ماڻهن پاران سنڌ جي مختلف علائقن مان نياڻين کي اغوا بعد جبري طور مذهب مٽائڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي.

ھندو پنچائت جي اڳواڻ مکي ڊاڪٽر سريش لال۔ وجي ڪمار بالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ھندو عورتن ۽ مردن ريلي ڪڍي مندر چوڪ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو۔

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ سازش تحت ڪجھ مھينن ۾ اسانجي 50 کان وڌيڪ نياڻين ۽ نوجوانن کي ورغلائي زبردستي مذھب تبديل ڪرايو ويو آھي۔

سندن چوڻ هو ته اسان سنڌي آھيون ۽ ھي ملڪ اسانجو به آھي۔ جيڪڏھن سازشي ڌريون سمجھن ٿيون ته اسان اھڙين ڪريل حرڪتن سان ڌرتي ڇڏي وينداسين ته اھا ھنن جي ڀل آھي۔

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته اسان کي لڏائڻ بدران سندن نياڻين جو جبري مذهب مٽائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.