شهدادپور ۾ خاصخيلي برادري پاران بااثرن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.
ڳوٺ ڪڙيو بچل بوداڻي جي رھواسين خاصخيلي برادري رمضان، بلال، ميان بخش، حليمان ۽ ٻين نٽهڻ اس ۾ احتجاج ڪيو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بااثر زاهد عمراڻي سندن پاسي ۾ زمين خريد ڪري هٿيار بند ويهاري ڇڏيا آهن، جيڪي مٿن فائرنگ ڪري ڳوٺ مان بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو.
هنن چيو ته ٽنڊوآدم پوليس وڏيري سان ٻٽ بڻيل آھي، جنهن رات جو گهرن تي چڙهائي ڪئي ۽ عورت توڙي ٻارڙن تي تشدد ڪري شاهنواز، جان محمد، خدابخش سميت 5ڄڻن کي کنڀيو.
خاصخيلي برادري مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار 5 ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي.
هوڏانهن ڊي ايس پي ٽنڊوآدم ايوب بروهي ٻڌايو ته امن امان بحال ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جا پنج پنج ڄڻا گرفتار ڪري هٿيار ملڻ تي 13 ڊي ۾ چالان ڪيا ويا آهن…………