ڪنگسٽن (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پندرهن رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميگا ايونٽ ۾ ويسٽ انڊين ٽيم جي اڳواڻي جيسن هولڊر ڪندو، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين شاءِ هوپ، آندري رسل، ڪرس گيل، ايشلي نرس، ڪارلوس بريٿ ويٽ، ڊيرن براوو، ايون ليوس، شمرن بٽميٽر، فيبيٽن ايلن اسڪواڊ ۾ شامل آهن، ان کانسواءِ شيلڊن ڪوٽرل، ڪيمار روچ، شينن گيبريل، نڪولس پوران، اوشين ٿامس ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن، ڪيرون پولارڊ ۽ سنيل نارائڻ کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم کي مضبوط قرار ڏنو آهي. ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ مئنيجمينٽ کي ڪپتان جيسن هولڊر، ڪرس گيل ۽ آندري رسل مان گهڻيون اميدون آهن.