ڪوٽڏيجي جي ٽائون آفيسر گوهر حسين ڦلپوٽي چيو آهي ته ٽائون چيئرمين سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ بڻجي ويو آهي، تنهن ڪري ملازمن جي وقت سر پگهارون نه ٿيڻ سوڌو سرڪاري ڪارروهنوار بند پيل آهي
ٽائون آفيسر گوهر حسين ڦلپوٽي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندس مقرر بعد ٽائون چيئرمين جو ڀاءُ لڳاتار فون ڪري اڳواٽ چيڪ صحيحون ڪري ڏيڻ لاءِ ڌمڪائي پيو.
سندس چوڻ هو ته هنن جا شرط منظور نه ڪرڻ سبب سرڪاري ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻجي ويا آهن تنهن ڪري ملازمن جون وقت سر پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن.
ٽائون آفيسر چيو ته ٽن مهينن تائين اجلاس نه سڏايو ۽ جيڪڏهن ڪائونسلرن ٽائون چيئرمين خلاف بي اعتمادي ظاهر ڪئي ته هو نااهل ٿي ويندو