رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي وائرس ايڊز جا ٽن مھينن دوران پنجاھ ڪيس ظآھر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. جن ۾ اڪثريت معصوم ٻارڙن جي آھي، جن جون عمريون اٺن مھينن کان پنجن سالن تائين جون آھن
رتوديرو جي مختلف سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالن جي انگن اکرن مطابق مناسب علاج نه ٿيڻ ڪري 20 کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي ويا آهن، جڏھن ته باقي متاثر مريضن جو ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ علاج ھلندڙ آھي
پي پي ايڇ آءِ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي مينجر صلاح الدين ناريجو چيو آهي ته رتوديرو ۾ ايڊز جي مريضن جي نشاندھي ٿي آھي، هو متاثر ٻارڙن جي والدين سان رابطي ۾ آھن،
سندس چوڻ هو ته ٻارڙن جي والدين جون به ٽيسٽون ڪرايون وينديون، جنهن بعد متاثر مريضن کي علاج لاءِ ايڊز سينٽر اماڻيو ويندو…………………..