رپورٽ: جهڏو: آبادگار ٽيل تي رينجرز جي مقرر ڇو ٿا چاهين؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

جهڏي جي آبادگارن ٽيلن تي رينجرز مقرر ڪري پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي اپيل ڪئي آهي.

ٽيل آبادگار تنظيم خيرپورگنبوه جو سيد عطاءالله شاھ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قاضي ڪرم الله، امتياز علي ملڪاڻي، سيد عابد علي شاھ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته نصير ڊويزن جا غير قانوني هلندڙ ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ ڊزائن ڪري پوڇڙي تي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

آبادگارن مطالبو ڪيو ته ڊويزن جو متاثر 17 شاخون جيڪي ٽيل نٿيون ڪن انهن تائين پاڻي پهچايو وڃي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.