جروار(ويب ڊيسڪ) گهوٽيڪي ۾ ٻڪري کي بچائيندي کوهه ۾ ڪري 3 نوجوان فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ شخص جي ڳولا جاري آهي.
گهوٽڪي جي علائقي ڳڙهي چاڪر ۾ ٻڪري کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ چار ڄڻا کوهه ۾ ڪري سر تان هٿ ڌوئي ويٺا. پوليس موجب چئني ڄڻن کوهه ۾ ڪريل ٻڪري کي بچائڻ لاءِ ٽپو ڏنو.
کوهه ۾ ڪري فوت ٿيل ٽن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته هڪ شخص جي ڳولا جاري آهي.