رپورٽ: بدين جي پڇڙين ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ چوري ختم ڪرائي وڃي: سيڊا چيئرمين

سيڊا چيئرمين عبدالباسط سومري چيو آهي ته بدين جي پڇڙين ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ چوري ختم ڪرائي وڃي.

حيدر آباد ۾ سيڊا چيئرمين عبدالباسط سومري ليفٽ بئنڪ ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي چيئرمين ۽ ميمبرن سان بدين جي پاڻي واري معاملي تي اهم گڏجاڻي ڪئي.

عبدالباسط سومري چيو ته بدين ۾ پاڻي جي صورتحال انتهائي خراب آهي، روزانو سوين شڪايتون ملن ٿيون، جنهن کي هر حالت ۾ حل ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻِي جي منصفاڻي ورڇ نه هئڻ جي شڪايتن تي ڪوششون وٺي بئراج تي پاڻِي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ڪاميٽي جوڙائي آهي.

سيڊا چيئرمين ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته انجنيئرن سميت سموري اسٽاف کي ڪينالن ۽ شاخن تي ڪم جو پابند بنايو وڃي، جيڪڏهن ڪو ڪم نٿو ڪري ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.