کپري ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي مان ڪري پورهيت فوت ٿي ويو.
سانگهڙ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۾ سوار پورهيت ڪرشن ڀيل ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي واري حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هن سورن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ دم ڏنو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي ڪڻڪ لاباري تي ويل هو جيڪو گهر ڏانهن موٽندي اجل جو شڪار ٿي ويو.
هوڏانهن فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ هر اک آلي ٿي وئي