حمزا شهباز ۽ عائشا احد… ٻئي طلب

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز ۽ سندس مبينا زال عائشا احد کي 30 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.

نيب لاهور حمزا شهباز کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 30 اپريل تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو آهي، ان کان اڳ به حمزا شهباز کي ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو ويو آهي ۽ کيس مني لانڊرنگ توڙي وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سوال ناما پڻ ڏنا ويا پر اهم ڳالهه اها آهي ته نيب حمزا شهباز جي مبينا زال عائشا احد کي به طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب عائشا احمد کي 30 اپريل تي منجهند 12 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، کيس به آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گهرايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.