ڀرياسٽي ۾ ننڍين گاڏين جي ڊرائيورن پاران آر ٽي ٽرانسپورٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.
ڊرائيورن علي بروهي ، ياسين آرائين ، جلاج گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته هو ننڍي روٽ تي رڪشا ۽ ڊاٽسنون هلائي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالين ٿا، پر آر ٽي ٽرانسپورٽ ضمير حسين بروهي بنا سبب سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
هنن الزام هڻندي چيو ته ضمير حسين بنا جواز روزانو رشوت ڏيڻ لاءِ پريشان ڪري ٿو.
احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته آر ٽي ٽرانسپورٽ جي اهڙي عمل خلاف نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي