رپورٽ: دادلغاري: ٽائون ڪميٽي جي بجيٽ ڪٿي پئي خرچ ٿئي؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا جي بي ڌياني سبب داد لغاري شهر ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهڻ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.

مختلف سياسي ۽ سماجي  اڳواڻن حڪيم لغاري,اويس احمد,قاري بشير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين يوسي چيئرمين آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نالين جو گندو پاڻي رستن توڙي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ڪري شهري توڙي اسڪولي ٻارڙا گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن

هنن چيو ته رستن توڙي گهرن اڳيان ڪني پاڻي جي مسلسل بيهڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جڏهن ڪيترين ئي بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي.

شهرين گهر ڪئي ته شهر ۾ اُٿليل گٽرن جو نوٽيس وٺي ترت صفائي سٿرائي ڪرائي بهتر ماحول فراهم ڪيو وڃي…………………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.