*غوثپور ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول جي امتحاني سينٽر تي يارهين جي ڪيمسٽري جي پرچي ۾ ملتان مظفر ڳڙ کان آيل شاگردن جي ڪوريج دوران انويجيليٽر رئيس خدا بخش اوڳاهي مڇرجي صحافين کي بلاڪ ۾ بند ڪري سخت تشدد ڪيو .
عوامي آواز جي صحافي عبدالغفار اوڳاهي ۽صحافي شير زمان بجاراڻي تي سخت تشدد کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو .
اطلاع ملڻ تي غوثپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪنڌڪوٽ ٺل تنگواڻي ڪرمپور ۽ غوثپور جي صحافي غوثپور پريس ڪلب پهچي ميٽنگ ڪوٺائي وئي
جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ جي صحافي لياقت کوسو، ٺل جي عارف مغل، عطاء حسين، عطا الرحمان حسين چولياڻي ۽ ٻين صحافين شرڪت ڪئي وئي
ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺاڻي ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاھ واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو
. استادن جو وفد پرنسيپال مير هزار نوناري، استاد خدا بخش اوڳاهي، ٻين استادن غوثپور پريس ڪلب پهچي صحافي عبدالغفار اوڳاهي ۽شير زمان بجاراڻي کي پاڪر پائي معافي ورتي وئي. هوڏانهن صحافي عبدالغفار اوڳاهي شير زمان بجاراڻي، اسدالله اوڳاهي برڪت ڀيو اصغر بجاراڻي حبيب الله بهلڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ته اسين سڀني آيل صحافين جا ٿورائتا آهيون جن کين مان ڏنو ……………….