اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سندس چين جو دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.
وزيراعظم چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي، جتي هو چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪندو.
روانگي کان اڳ پنهنجي بيان ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته چين اسان جو ويجهو دوست ۽ آئرن برادر آهي، پاڪ – چين ڀائيواري نين بلندين تائين پهچائڻ جي عزم سان دوري جي شروعات ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته دوري دوران بهترين دوست چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقاتون ٿينديون، چيني قيادت سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن تي ڏي وٺ ٿيندي، پاڪستان ۽ چين ۾ دوستي گڏيل احترام تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي دوست عوام جي دلين ۾ آهي، چين جي سهڪار ۽ حمايت تي ٿورائتا آهيون.
وزيراعظم چيو ته پاڪ – چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ جو فليگ شپ منصوبو آهي، سي پيڪ اسان جي حڪومت جي ترجيح آهي ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار جي موقعن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.