قاضي احمد جي اسٽنٽ ڪمشنر سلامت ميمڻ شھر م موجود عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي .
ڪاروائي دوران قاضي احمد تعلقه اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر طاھرا اسد آرائين ۽ ڊرگ انسپيڪٽر آصف رخشاڻي سندس گڏ ھئا.
اسسٽنٽ ڪمشنر عطائي ڊاڪٽر مجيد شيخ جي ڪلينڪ، عطائي ڊاڪٽر رفيق آرائين جي سنڌ پتھالاجي ليباٽري ۽ جعلي ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري ڇڏيا.
ان موقي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌايو ته ڪنهن کي به غيرقانون ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين. اي سي قاضي احمد چيو ته دڪانن تي ڇاپي دوران عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن م گندگيءَ جا ڍير، استعمال ڪيل انجڪشن ۽ غير معيار دوائون هٿ ڪيون ويون آهن .
هن چيو ته عطائي ڊاڪٽر عوام جي حياتين سان کيڏي رھيا آهن ايتري گندگي آهي جو جيڪو مريض بيمار آهي اھو وڌيڪ بيمار ٿيندو.