حيدرآباد ۾ هٿياربندن ڇو ڪيو پوليس اهلڪار کي قتل؟

حيدرآباد جي  اولڊ واپڊا ڪالوني ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پوليس اهلڪار تي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

  هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار انور علي فوت ٿي ويو .

 مٽياري پوليس جو اهلڪار دڪان تي موٽر سائيڪل جو ڪم ڪرائي رهيو هو ته هٿياربندن سندس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو .

 پوليس اهلڪار  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل  منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

 پوليس اهلڪار جو مڙهه قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.