بدين ۾ (ايم سي ٽي سي) ماڊل ٽرائل ڪورٽ بدين جي عدالت ۾ 2014ع ۾ زميني تڪرارتي قتل ٿيل ٻن ڄڻن مصري ولد سومار عبدالخالق ولد اسماعيل جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت جي جج قتل ڪيس ثابت ٿيڻ شير محمد ،عظيم ۽ ايوب کوسو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
جڏھن ته ڪيس مان حاجي محمد کوسو، عبدالرحمن کوسو , حيدر کوسو حڪيم کوسوکي آزاد ڪري ڇڏيو.
جوابدارن سال ع2014 ۾ بدين ماڊل ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي چاڪر کوسو ۾ زميني تڪرار تان جھڙو ٿيو ھو جنھن ۾ ٻه ڄڻا مصري ۽ عبدالخالق کوسو قتل ٿي ويا ھئا.
اھو ڪيس جوابدارن خلاف اسماعيل کوسو جي فرياد تي بدين ماڊل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو جنھن جو فيصلو عدالت اڄ ٻڌائي ڇڏيو…………………