اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بابت بيان تي وزيراعظم جي حمايت ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن وانا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس ”صاحبه“ چئي مخاطب ڪيو هو.
پنجاب جي صحت واري وزير ان حوالي سان چيو ته مان وزيراعظم جي جوابده ناهيان، مون کي ان تبصري جي حوالي سان ڪا خبر ناهي ته مون کي ان جي مذمت ڇو ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم جيڪو چيو اهو پاڻ وضاحت ڪندو، ان باري ۾ مان ڪجهه نٿي چئي سگهان، مون کي خبر ناهي ته هن ”صاحبه“ ڪهڙي حوالي سان چيو آهي.
ياسمين راشد جو چوڻ هو ته مان ماضي ۾ بينظير ڀٽو جي سپورٽر هيس پر بلاول تي پيءُ جو اثر ٿي ويو آهي، هو اسيمبلي ۾ جيڪو به چوندو آهي پيءُ ۽ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ چوندو آهي، ڇو ته نيب انهن جي ۽ پڦي جي پويان پيو آهي.