رپورٽ:هالاڻي: ٽن ڏينھن کان دڪان،گھر ۽ اسڪول سيل ڇو..؟؟؟

*هالاڻي ۾ ھندن طرفان مندر جي ملڪيت ڄاڻائي گذريل ٽن ڏينھن کان دڪانن گھرن اسڪولن کي سيل ڪرڻ خلاف متاثرن  احتجاج ڪيو

 دڪاندران عبدالحفيظ ڪونڌر۔غلام حسين ھاليپوٽو۔مختيار حسين انڙ۔آصف ڪمبوه۔حاجي عبدالقادر گاڏھي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 هنن چيو ته پنجاه سال اڳ  مکي ڪرشنچند کان ھزارين روپيه ڏئي دڪان  خريد ڪيا ھيا جن جا دستاويز رجسٽريشن ۽ ٻيا ڪاغذ موجود آھن

 هنن چيو ته    ھاڻي تازو موجوده مکين ۽ ٽرسٽين دستاويز تي داخل  پلاٽ وڪرو ڪري ڏنا آھن ۽اڄ اھي ئي ساڳيان مکي اسان مٿان پوليس اٽالا وٺي اسان جي ٻچڙن کي گھرن ۽ دڪانن مان اسان کي ڪڍي سيل ڪرائي گھرن ۽ دڪانن آڏو پوليس ويھاري ڇڏي آھي.

 هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي …………………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.