* ميرپوربٺورو جي گنج بحر ڪئنال مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي .
آبادگارن ۽ سياسي سماجي ڌرين عبدلغفور ميمڻ ، خالد کٽي قادر بخش زنئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي .
ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن گنج بحر ڪئنال مان نڪرندڙ سمورين شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي
هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب فصل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ شهر جي واٽر سپلائي جو تلاءُ به سڪي وڃڻ ڪري شهري پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن
هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي کين زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………