*تلهار ۾ ڳوٺاڻن تلهار پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪري حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو .
ڳوٺ يوسف ڪاتيار ديهھ شورڪي جي ملاح برادري جي ماڻهن رمضان ، حاجي ، پپو ، ريحانا ، سومار ملاح جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو .
ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن ٻڌايو ته مزدوري جي پئسا گهرڻ تان مڇرجي
ابل ، براديو ، بابو ، سڪندر ڪاتيار حملو ڪري سکان کي زخمي ڪري ڇڏيو .
هنن الزام هنيو ته تلهار پوليس سندن ڪيس داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي
ھنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او تلھار کي فوري طور تي ھٽائي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
ڌرڻي واري ھنڌ اميرالبحر تنظيم جي اڳواڻ علي نواز ملاح پھچي ڳالھيون ڪيون ۽ جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي پڪ ڏني جنھن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو……………….