بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، عورت قتل

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ ۾ هڪ عورت پوليو ورڪر قتل ٿي وئي آهي. پوليس موجب چمن جي علائقي سلطان زئي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن حملي آورن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 35 ورهين جي عورت پوليو ورڪر نسرين مارجي وئي. جڏهن ته 24 ورهين جي راشده زخمي ٿي پئي. زخمي پوليو ورڪر کي فوري طبي امداد لاءِ ڪوئٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌايو ته مارجي ويل عورت جو لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب واقعي بعد سلطان زئي جي علائقي ۾ پوليو مهم عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.