لاڙڪاڻو ايڊز کان متاثر سڀ کان وڌيڪ ضلعو، وڌيڪ 13 ٻارڙن ۾ مرض جي سڃاڻپ

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي جي تعلقي رتي ديري جي 13 ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ اي پازيٽو اچڻ بعد انچارج ايڇ آءِ وي ايڊز ڪنٽرول پروگرام جو نوٽيس ورتو آهي.  تعلقي رتي ديري جي 16 ٻارڙن  جي رت جا نمونا ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويا جنهن ۾ 13 ٻارڙن ۾ ايڊز وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي. انچارج پيٿالوجسٽ پي پي ايڇ آءِ جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالحفيظ موجب متاثر ٻارڙن جون عمرون چئن مهينن کان 8 مهينن تائين آهن ۽ ٻارڙن ۾ آلوده رت جي منتقلي سبب بلڊ ٽيسٽ ايڇ آءِ وي پازيٽو ٿي سگهي ٿي.  سرڪاري انگ اکرن موجب رڳو لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 2400 کان وڌيڪ آهي جيڪو سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ٻئي طرف انچارج ايڇ آءِ وي ايڊز ڪنٽرول پروگرام ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ چيو ته  سمورن ٻارڙن ۽ والدين جي تصديق ٿيل ڪٽس مان اڄ ئي ٻيهر ٽيسٽ ڪرايون وينديون، ڪڏهن ڪڏهن ناقص ڪٽس غلط رپورٽون به ڏينديون آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جا لڳ ڀڳ هڪ لک کان وڌيڪ مريض آهن ۽ سمورن رجسٽرڊ مريضن کي دوائون ملنديون آهن، پروگرام جو فوڪس جنرل پاپوليشن تي ناهي، مخصوص گروپن تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.