*اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪلب آڏو ڳوٺ گوڙاڻي ۽ حجامن جي تڙ واسين گوراڻي ڊيم جي انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو ويو .
ڳوٺاڻن ملوڪ ميگهواڙ،لڇمڻ ميگهواڙ،دوست علي حجام،عبدالله چوهاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو
،هنن احتجاج ڪندي چيو ته گوڙاڻي ڊيم تباهين کانسواءِڪجھ به ناهي ڏنو،اسان جا روڊ رستا بند ٿي ويا آهن،اينگرو ڪمپني ڪيل دعوائن تي ڪوبه عمل ناهي ڪيو.
هنن چيو ته ،ٿر فائونڊيشن ذريعي ڪم ڪرڻ جا ڪوڙا واعدا ڪيا ويا پر رڳو پئيسو ضايع ڪيو ويو آهي اسان سان جيڪي واعدا اعلان ڪيا ويا انهن تي عمل ناهي ٿي سگهيو.
هنن چيو ته هو دربدر آهن ڊيم اندر بيٺل پاڻي بدبوح ڪري ويو آهي،ويهي نه ٿا سگهون،ڊيم سيپيج ٿيڻ ڪري حجامن جي تڙ جا مٺي پاڻي جا کوھ کاري پاڻي سان ڀرجي ويا ويا آهن.
هنن چيو ته حجامن جي تڙ جا روڊ رستا بند ٿي ويا آهن،رهواسي پندرنهن ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڳوٺ اچن ٿا،اينگرو ڪمپني دانهن نه ٿي ٻڌي
ايس او ٽيز
هنن وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي انيگرو ڪمپني کي واعد وفا ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ………….