رپورٽ:نوشهروفيروز: ليڊي هليٿ ورڪرز سان بدتميري…!!

*نوشهروفيروز جي شاهي بازار ۾ رهندڙ پشتو برادري جي ماڻهن پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويل ليڊي هيلٿ ورڪرن کي گهر مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو.

  جوابدار رڪارڊنگ ڪرڻ تي ٿاڻي ۾ ڪئمرا مين تي حملو ڪري ڪئميرا ڀڃي ڇڏي.

ان ڏس ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ٽيم جنهن ۾ نورجهان  ميمڻ، ساقبه  عباسي ۽ نازنين سولنگي شاهي بازار ۾ پشتون برادري جي ابراهيم سعيد پٺاڻ جي گهر ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ داخل ٿيون ته ڄاڻايل گهر ڌڻيءَ عورتن کي ڌڪا ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيو.

اهڙي اطلاع تي ايريا انچارج اياز سولنگي واقعي واري هنڌ پهتو ته ڄاڻايل شخص ساڻس پڻ بدتميزي ڪئي جنهن بعد ليڊي هيلٿ ورڪر ٽيم ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي.

 ان موقعي تي ايريا انچارج ۽ ٻين ٻڌايو ته پوليس دڪاندار يونين اڳواڻن جي دٻاءَ تي ڌر بڻجي وئي آهي ۽ ڊي ايس پي چوي ٿو ته فيصلو ڪري جان ڇڏايو.

  پوليو ٽيم جي  احتجاج  کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ نجي ٽي وي جو ڪئمرامين راڻا رضوان ٿاڻي تي پهتو تي اتي موجود ابراهيم پٺاڻ ۽ ٻين مٿس تشدد ڪيو ۽ سندس ڪئمرا ڀڃي ڇڏي

  رابطي تي ايس ايڇ او حنيف مهر ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ڪئمرامين تي ڪنهن ٻي ڌر جي ماڻهو حملو ڪيو آهي.

هوڏانهن ليڊي هيلٿ ورڪرز ڊي سي آفيس آڏو گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن ۽  جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن.

 ٻئي پاسي دڪاندار يونين جا اڳواڻ پوليو ٽيم کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن ۽ ٿاڻي اندر ويهي ويٺل  آهن………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.