ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ماڻهن کي گم ٿئي ڪيترائي ورهه گذري ويا، پر پوليس سندن کي ڳولهي نه سگهي آهي ته هو ڪٿي آهن.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ماڻهو پنهنجي پيارن لاءِ روئندا رهن ٿا ۽ عدالتن ۾ بددعائون ڏين ٿا جڏهن ته پوليس آفيسر رڳو فائل هٿن ۾ کڻي گهمندا رهن ٿا.
ان موقعي تي ايف آءِ عملدران عدالت کي ٻڌايو ته جن گم ٿيل ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه آهن انهن جي سفر جي هسٽري ناهي ملي رهي آهي.
نينگر فيصل جي امڙ عدالت کي ٻڌايو ته سندس پٽ ٻارهين ڪلاس جو شاگرد هو اٺ سال اڳ گم ٿي ويو اڃا تائين هن جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگھيو.
گم ٿيل شهري سيد عبدالوحيد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته معاذ ۽ طلحه هڪ ئي ڏينهن ڌار ڌار هنڌن تان گم ٿيا هئا.
هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شهري ڪو ڏوهه ڪيو آهي يا ڪنهن غيرقانوني سرگرمي ملوث آهي ته ان کي عدالت م پيش ڪيو وڃي .
عدالت گهرو کاتي، پوليس ۽ ٻين ادارن کان 29 مئي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي